استاد بخاري جي شاعري

سکون

محفلین
مان كجه عرصو غايب رهيس ليكن استاد كي سڀني وساري چڏيو ڪنهن به ان کي اڳتي نه وڌايو سارہ خان توهان ته هر روز ايندا اهيو پو ء به .
 

سارہ خان

محفلین
ڪاميابيءَ جي مٺي م۔اکي چ۔ک۔۔ڻ،
ڪجھ ڏکي آ، ڏنگ جھلڻا ٿا پون.
م۔ن۔۔۔۔زل۔۔ن پاس۔۔ي وڌڻ س۔۔ؤک۔و نه آ،
ه۔ر قدم ت۔ي ونگ ڇِ۔ن۔۔ڻ۔ا ٿا پ۔۔۔ون.

 

سارہ خان

محفلین
سنڌ جي سورن جو ڪ۔ونهي آن۔۔د پان۔۔د،
گھر ڊٺل، وِهڪيل ڍڳي، ڪمزور ڏاند.
پ۔۔وءِ ب۔۔۔ه شه۔پ۔۔ر ک۔۔ي وٽيندي پيو چوي،
س۔۔۔وٽَ سان ڪ۔۔رڻو اٿ۔۔م جلدي پلاند!

 

سارہ خان

محفلین
وطن جي ٻچن لئه لڇون ٿا، ڪڙهون ٿا،
سياست نه ڄاڻون، اڪ۔ابر ن۔ه آه۔۔ي۔۔ون.
وطن جي زمين لئه جيئون ٿا، مرون ٿا،
اس۔۔ي۔۔ن واٽ وي۔۔ن۔۔دڙ مس۔افر نه آهيون.

 

سکون

محفلین
نانگ، وڇون ۽ ويري، ڳالهه مڙيئي هڪڙي،
ٽانڊا، ڪوئلا، ڪيري، ڳالهه مڙيئي هڪڙي.

تر ۾ امن مري يا، گھر ۾ غير گھِري يا،
ڳاري ڦاسي ڳيري، ڳالهه مڙيئي هڪڙي.

منهنجي آجي رڳ رڳ، تنهنجي ساري لڳ ڀڳ،
گھنگھر آهي گھيري، ڳالهه مڙيئي هڪڙي.

هڪڙو اَڻ هوندائي ۽ ٻيو گھڻ هوندائي،
وک وک باهه وکيري، ڳالهه مڙيئي هڪڙي.

ديول، مندر، مسجد، اولهه، اوڀر ۽ وچ،
هيڏي هيري ڦيري، ڳالهه مڙيئي هڪڙي.

رَت ۾ توڙي سَت ۾، ڏِک ۾ توڙي وِک ۾،
ڪولهي، شاهه، ڪهيري، ڳالهه مڙيئي هڪڙي.

مرندا سڀ پرماري، ايندي عيد بخاري،
ڊوها ٿيندا ڍيري، ڳالهه مڙيئي هڪڙي​
 
Top