سارہ خان
محفلین
اڄوڪي سنڌ ڪٿي بيٺي آهي؟
انعام شيخ
پنهنجي آسپاس توهان ڪيترا اهڙا صحتمند، حسين ماهه جبين جسم ۽ چهرا ڏٺا هوندا، جيڪي بظاهر ته طبي معيارن تي پرفيڪشن جي حد تائين پهتل هوندا آهن، پر جڏهن به سندن زندگيءَ ۾ ڪو بحراني دور ايندو آهي ته اُهي جسم ۽ چهرا ٿورڙي عرصي ۾ ڪومائجي ۽ ڪاراٽجي بسترن حوالي ٿي ويندا آهن. پاڻ ڄامشوري ۽ نواب شاهه جي انجنيئري ادارن مان پڙهيل نڪتل اڻ ڪڙهيل انجنيئرن جا سنڌ ۾ ٺاهيل بند، عمارتون، روڊ ۽ رٿائون به ڏٺيون هونديون، جيڪي افتتاحي تقريب مهل بَلي بَلي هونديون آهن. پر هڪ برسات يا معمولي ٻوڏ انهيءَ تعميرات جي حالت ٻوڏ جي ستايلن کان به بدتر ڪري ڇڏيندي آهي. ساڳي طرح زندگيءَ جي هر رُخ ۾ موجود ڪنهن به صلاحيت، اڏاوت، بيهڪ، حلقي ۽ حالت جي ملهه ۽ قدر جي پرک تڏهن نه ٿي ٿئي، جڏهن اعلانن، دعوائن ۽ تقريبن ذريعي خاصيتن جي خوشبوءِ سُنگھائي ٿي وڃي، بلڪه هر مظهر ۽ موجودات جو اصل امتحان ڏکي صورتحال ۽ دٻاءَ پيدا ڪدنڙ ماحول ۾ ئي ٿئي ٿو. خاص طور انسان گُڻن، لڇڻن ۽ لياقتن جو دُرست اندازو ته تڏهن ئي ٿي سگھي ٿو، جڏهن طاقت، خوف، لالچ، نااميدي، دٻاءَ ۽ ٻيا منفي پهلو سندس زندگيءَ تي اثرانداز ٿي کيس لاڳاپيل حالتن ۾ مڙس ٿي منهن ڏيڻ يا ٽپڙ کڻي پيرن تي زور ڏيڻ واري ٻه ۔۔۔۔ واٽي تي اچي بيهارين ٿا. اهو حوالو بيشمار انسانن منجھان وري قيادتي ڪلاس تي وڌيڪ شدت سان لاڳو ٿيندو آهي. انسان تاريخ جو هر پنو اها گواهي ڏئي ٿو ته عظيم تهذيبن، شاندار معاشرن ۽ بيمثال حاصلات پٺيان جيڪڏهن سڀني کان سگھارو ڪو اڪيلو وڏو محرڪ آهي ته اهو معياري ليڊرشپ وارو عنصر ئي آهي. ماضي توڙي حال ۾ جيڪڏهن قومن جي معيار ۽ مقام جي ڪٿ ڪرڻي آهي ته اهو ضرور ڏسڻو پوندو ته سندن راهنما طبقو ڪهڙي پدَ تي پهتل آهي، ڇاڪاڻ ته پاٽِ ۾ اهوئي پوندو آهي، جيڪو ڪُني ۾ هوندو آهي!
سنڌ جي حوالي سان تاريخي پسمنظر ۾ ويندي ليڊرشپ ۽ لياقت بابت ڳالهائيندي اسان ايراني شهنشاهه نيمروز سان ڪيڪانان جي پهاڙن ۾ جنگ جوٽيندڙ راءِ سهاسي جي اڏولتا، ڏاهر جي وزير باتدبير سياڪر ۽ راسل جي حڪومتي تدبر، جئه سينا جي جنگي حڪمت عملي، دودي سومري جي مهاڏي، ڄام نظام ۽ دولهه درياهه خان جي معامله فهمي، مرزا جاني بيگ جي مرڪز گُريز ڪردار، ميان غلام شاهه جي سياسي ۽ فوجي بصيرت سميت تاريخ جي گھيريدار گھٽين ۾ وڃي موهن جي دڙي واري تهذيب جي اڏيندڙن کان وٺي جاوا، سماٽرا، روس، نائجيريا ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتل انهن سوداگرن ۽ سورمن بابت تفصيلن سان ڀرپور داستانن ۾ نٿا وڃون. رڳو پوئين صديءَ واري سنڌ جي سياسي، سماجي، ادبي، ثقافتي، معاشي ۽ معاشرتي محاذن تي ٿيل پورهئي ۽ پيار تي نظر وجھندي ڀيٽ ٿا ڪريون ته اکيون هيٺ ڪرڻ کانسواءِ ڪو چارو نٿو رهي! ٻيو ڇڏيو 1843ع کان 1947ع واري سنڌ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ گذريل 60 سالن واري سنڌ ۽ ان ۾ به خاص طور 1983ع کانپوءِ وارو وقت ٿا ڏسون ته ”جوش“ جي ڳالهه سئو سيڪڙو سچي ٿي لڳي ته:
اب فصلِ گُل نه بادِ صبا مانگتي هين لوگ
هي حبس هي وه ڪه لُو ڪي دُعا مانگتي هين لوگ
1843ع کانپوءِ واري سنڌ هئي ته بيشڪ بيٺڪي حاڪمن ۽ طاقتن جي گھيري هيٺ آيل سنڌ! اها به ڳالهه مڃبي ته انهيءَ بيٺڪي راڄ تحت جيئندڙ سنڌ جي وسيلن ۾ به اڄ جيان ناجائز ڪاتر پوندي هئي . . . . پر انهيءَ سنڌ ۾ سر بارٽل فريئر هئو، جنهن شاندار انتظامي صلاحيتن ذريعي سنڌ کي تعميرات جي هڪ نئين دنيا سان آشنا ڪرائي سندس اُجڙيل چهري کي ئي نه سنواريو، هن ته مختلف تعصبن ۽ ترجيحن هيٺ لتاڙجندڙ سنڌي اسڪرپ کي معيار جون خوبصورتيون بخشي، مجموعي طور سنڌين کي نسلي، مذهبي ۽ قبائلي سڃاڻپ بدران هڪ مضبوط قومي سڃاڻپ لاءِ بنيادي جواز فراهم ڪيا. گوري چمڙيءَ وارن انهن پرڏيهي حاڪمن ۾ سرجان جيڪب به هو، جنهن ابردين جي ابر آلود سرديءَ ڀريل موسم کي الوداع چئي جيڪب آباد جي جهنم کي دل سان قبول ڪيو ۽ اڄوڪي دور ۾ به ٽوپيون ۽ ٺونٺيون ٽيڙيون ڪري هلندڙ جيڪب آبادي جاگيردارن جي ڏڙن کي ڏيٺ سؤ سال اڳ نياڻين جي ناحق خون ۾ هٿ ٻوڙڻ تي ڪلهن کان سندن ٻانهون ڪپڻ جا حڪمناما تعملي ڪرايا. ڌارين جي قبضي هيٺ هلندڙ انهيءَ سنڌ سارلي جھڙو علم دوست آفيسر ڏٺو، جنهن هر ماهين پهرينءَ مزارن تي حاضري ڀريندڙ ڪنهن چڳ وڍيي مريد کان به وڌيڪ عقيدتمنديءَ سان ”سنڌ جي سرتاج“ جي آڳر ۾ سجدا ڏنا. هُو عجب جھڙو اجنبي انسان سڄو هفتو حيدرآباد جي ڪليڪٽري ڪندي جمعي جي رات گھوڙي جي سواريءَ تي ڀٽائيءَ جي ڀونءِ ۾ پهچي حيرتن جي چمڪندڙ ذرن سان آشنا ٿيندو هو ۽ انهن حيرتي ذرڙن کي ميڙي هُن روشنيءَ جي هڪ لاٽ جوڙي جيڪا اسان آڏو اڄ به "Shah Latif of Bhit جي جلوي سان موجود آهي. ذڪر هيٺ آيل انهيءَ سنڌ ۾ ڪنهن ڪنهن سنڌ دوست انگريز عملدار جو تذڪرو ڪجي؟ ڪونئري دل واري سنڌجي خدمتگار بئرو ايلس، نازڪ طبيعت ڪپتان اسٽيڪ، جاکوڙي ايسٽوڪ کي ياد ڪجي يا سنڌ جي ويرانن ۾ فولادي وڪڙ هڻندڙ انهيءَ ريلوائي چيف انجنيئر جان برنٽن جو تذڪرو ڪجي، جنهن هڪ ڏُتڙيل قوم مٿان آفيسري ڪندي، اڄوڪن ڏيهي عملدارن جيان گھنٽيون وڄائڻ واري ڌنڌي ۾ ملوث ٿيڻ بجاءِ مواصلاتي مهانتا جي حصول لاءِ بارها پنهنجي جان کي جوکي ۾ وجھڻ کان نه گھٻرايو. شايد اهڙو به وقتر اچي جو سنڌ هوو، ڊو، گبسن، جائلس، مارسٽن ۽ برنارڊبڊ سميت انهن سوين ”انگريز سنڌين“ بابت حق سچ جي ڳالهه ڪرڻ ۽ چوڻ جو ساهس ڌاري!
ايئن به ڪونهي ته 1843ع کانپوءِ واري هڪ صديءَ تائين ڦهليل سنڌ ۾ رڳو انهن فرنگي منتظمن، عملدارن، انجنيئرن ۽ رٿابنديءَ جي ماهرن جون محنتون شامل هيون. اصولي طور سندن ”ناجائز راڄ“ خلاف جيڪي مجاهدانه آواز بلند ٿيا، زوردار تحريڪون هليون، هجرتون ٿيون، معرڪا منظرِ عام تي آيا ۽ پارلياماني سياست ۾ جنهن تدبر ۽ تدبير جا رنگ نظر آيا، سي ليڊرشپ ڪوالٽي جي حوالي سان اڄوڪي سنڌ کي دنيا جي مُهذب قومن جي صف ۾ بيهارڻ لاءِ ڪافي نه به هجن، ڳڻپ جوڳا ضرور آهن. مذهبي ۽ گروهي زهر کان وانجھيل انهيءَ دور جي سنڌ سياست، ادب، تعليم، سماجي خدمت، ثقافت ۽ ٻين شعبن ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، تنهن جي مختصر جھلڪ ديوان گدو مل کان وٺي اُلهندي شاهه، آفندي ۽ نور محمد وڪيل جي ڪمن مان پسندي علم ۽ روشنيءَ جي تعلق وارو تصور سمجھه ۾ اچي ٿو. انهيءَ منظرنامي ۾ الهه بخش سومري، غلام محمد ڀرڳڙي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سورهيه بادشاهه ۽ جي ايم سيد تائين سياسي راهنمائن جو اهو نسل به موجود آهي، جنهن کي اها خبر ضرور هئي ته ضمير ڇا کي چئبو آهي ۽ ان کي زندگي بخشڻ لاءِ ڇا ڪرڻو پوندو آهي. مملڪت خداداد کان اڳ واري سنڌ ۾ مرزا قليچ بيگ، ڪوڙي مل ۽ ڀيرو مل کان وٺي علامه قاضي صاحب تائين سون جي تعداد ۾ اهي روشن روح اڄ به ڪتابن جي پنن تي اکرن جي روپ ۾ رچيل آهن. جن سان سنمگ ٿيندي انساني وقار جي لاءِ احترام بلند تر ٿيندو وڃي ٿو. ڇا انهيءَ سنڌ کي ياد ڪندي اوهان جيوڻي، استاد الهڏني، ڀڳت ڪنور ۽ چندر تائين انهن سوين بيمثال آوازن ۽ لافاني هٿن جي معجزن کي سواري سگھجي ٿو، جن ڪائناتي خوبصورتين کي آواز ۽ ساز جي سنگم سان نيون جايون ۽ جهتون فراهم ڪيون. پيٽ ۽ خواهش کان مٿي وڃي صحافت کي ذهن ۽ ضمير جي تابع ڪندڙ ويرومل ٻيگھراج، مولانا وفائي ۽ حسام الدين راشدي تائين قلم جي انهن سوين بادشاهن بابت ڪهڙين مصدقه گواهين ڳولڻ جي ضرورت آهي، جيڪي سندن پيشه ور صلاحيت ۽ ايمانداريءَ جي تُز تفصيل ڏيئي سگھن.
انگريزن جي دور واري هڪ صدي تمام تر تحفظات جي باوجود بهرحال سنڌ جي گذريل ست سؤ سالن ۾ هڪ اهڙي روشن صدي آهي، جنهن دوران غلاميءَ ۾ رهندي به سنڌ پنهنجي آئيندي ۾ بيشمار آزادين جي تعبير ڪري پئي سگھي. ڌارين حاڪمن جي هٿ هيٺ هلندڙ اها سنڌ بيشڪ اهڙي وڻندڙ ته ڪو نه هئي، جھڙي رگ ويد جي شبدن ذريعي منظرڪشي ڪيل سنڌ آهي، پر کانئن پهريان 5 سؤ سالن تائين ڏيهي توڙي پرڏيهي حاڪمن ۽ پاڙيسري سلطانن جي گھيري هيٺ آيل سنڌ جو نڪ نقشو ڏسندي يورپي صاحبن جو دور ڪنهن ”شاندار جاڳرتا“ کان گھٽ محسوس نٿو ٿئي. هن مضمون ۾ مٿي سنڌ جي ڌرتيءَ ڄاون جن مهان سياسي، ادبي، صحافتي، علمي ۽ فني طور سگھارن شخصن جو مختصر تذڪرو ڪيو ويو آهي، سي به دراصل پيداوار هئا هڪ اهڙي سرشتي جي، جنهن سرشتي ۾ قانون جي حڪمراني به هئي ته حالتن کي تبديل ڪرڻ جو عزم رکندڙ اُهي شاندار فرد به هئا، جنهن کي اسين گڏيل طور ”ليڊرشپ“ جو نالو ڏيون ٿا. پوءِ اها ليڊرشپ سياسي کانسواءِ انتظامي، علمي، ادبي، صحافتي ۽ ٻين حلقن سان لاڳاپيل ڇو نه هُجي!
مملڪتِ خداداد جي قيام کانپوءِ بيشڪ سياسي توڙي ٻي قيادت هئي ته هم مذهب ڀائرن جي، پر جنهن طرز جو سياسي سرشتو ملڪ ۾ متعارف ڪرايو ويو ۽ رياستي نظام هلائڻ لاءِ جيڪي ترجيحات مقرر ڪيون ويون، تن ۾ انصاف جو حصول، سرشتن ۽ ادارن جي جوڙجڪ ۽ ترقي تقريبن ناپيد ٿيندا ويا. آپيشاهي، ڪرپشن ۽ ناانصافيءَ تي ڀاڙيندڙ پاڪستاني حڪمرانن قائداعظم کان وٺي جنهن حڪومتي طريقئه ڪار کي چونڊيو، تنهن انگريزن جي هڪ سؤ سالن جي محنت سان قائم ڪيل سڄي سسٽم جي ڀڃ ڊاهه شروع ڪئي. بهرحال پاڪستاني حاڪمن طرفان کنيل تمام تر غير قانوني ۽ غير آئيني قدمن باوجود انگريز دور ۾ قائم ڪيل ادارا تقريبن ويهارو سال پوءِ به پنهنجي مضبوط جوڙجڪ ذريعي منفي ۽ عوام دشمن هٿڪنڊن آڏو ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ مزاحمت فراهم ڪندا رهيا. پر جڏهن حاڪم طبقن ڪن خاص قومن، گروهن ۽ ادارن جي بالادستيءَ کي ملڪ مٿان مڙهي ڇڏيو ته انصاف، احتساب، قاعدي ۽ سرشتي جي جاءِ تي آهستي آهستي ڏاڍ، ڦرلٽ، لاقانونيت ۽ افراتفري جا عنصر سگھارا ٿي ويا. نتيجي ۾ ڏنڊا راڄ هن ملڪ جو مقدر بڻجي ويو.
اهو ڏنڊا راڄ قائم رکڻ لاءِ حڪمران طبقن کي عوام سان واسطي ۾ ايندڙ اهڙن سگھارن حلقن جي ضرورت هئي، جيڪي پنهنجي مرتبي، ملڪيت ۽ اثر رسوخ جي زور تي هڪ عوامي اُڀار کي ماٺو رکي سگھن، ته ٻئي طرف سرڪاري ايجنڊا جي تڪميل ڪندي ملڪي حاڪمن جي خواهشن ۽ حڪمن کي عوام مٿان لاڳو ڪرائي سگھن. انهيءَ منصوبي تي عمل ڪرائڻ لاءِ حاڪم طبقن جاگيردار، گادي نشين پير ۽ ڪاموري ذريعي مُلڪ ۾ مراعات يافتا هڪ اهڙو طبقو سگھارو ڪيو، جنهن حڪومتي اشارن تي نه رڳو عوامي خواهش کي ضابطي هيٺ رکيو، پر گڏوگڏ نمائندگي ۽ ليڊرشپ وارو ڪردار به پاڻ وٽ رکي ڇڏيو. اهڙي طرح جاگيردار ۽ ڪاموري جي ناپاڪ اتحاد سان سڄي ملڪ ۾ هڪ اهڙو پوڍائو ۽ دونمبري حلقو پيدا ٿيندو رهيو، جنهن جو مقصد فقط اهو ئي هو ته جائز يا ناجائز طريقي سان پيسو ۽ پاور هٿ ڪجي ۽ پوءِ انهن ٻنهي هٿيارن جي سگھه تي عوام مٿان مسلسل حڪمراني ڪندو رهجي. ڦورو طبقن جو ايجاد ڪيل اهو فارمولو هر حوالي سان سڄي ملڪ ۾ ڪاميابي ماڻيندو رهيو. حڪومتي سرشتو ڏنڊا راڄ وارو هجي، جمهوري هجي يا عبوري، مذڪوره ڦورو طبقن جي هر دور ۾ چاندي رهي. پارليامينٽ ۽ انتظاميا ان طبقي جي هٿ ۾ هئڻ ڪري هو وڏي ح تائين عدليا تي به غالب رهيو. جنهن جي نتيجي ۾ قانون ٺاهڻ، ان تي عمل ڪرائڻ ۽ تڪراري فيصلي کي پنهنجي حق ۾ ڪرائڻ سندس ڏائي هٿ جو کيل بڻجي ويو.
1947ع کان هم مذهب ڀائرن جي راڄ ۾ رهندي مٿي بيان ڪيل دو نمبري سياسي ڪلچر سنڌ جي سماجي، ثقافتي، معاشي ۽ ٻين رُخن تي به انتهائي اُگرا اثر ڇڏيا. جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو زندگيءَ جي مختلف شعبن جي ڀينگ ٿي، پر گڏوگڏ سنڌي سماج جي نئين دور ۾ نمائندگي ڪندڙ طبقن جي ڪارڪردگي ۽ ڪردار به سواليه نشان هيٺ اچي ويا. خاص طور گذريل صديءَ جي ستر واري ڏهاڪي تائين جيئن ئي سينيئر قيادت منظر عام تان هٽندي وئي، تيئن وڏيرن، ڪاپي ڪلچر جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ڪامورن، پيٽ پرست اديبن، ليکڪن ۽ جذباتي شاگرد ليڊرن جي صورت ۾ جيڪا ڪم فهم، ڪرپٽ، حاسد ۽ جاهل قيادت سنڌ کي نصيب ٿي، تنهن جي ڪرتوتن ٽيهن سالن ۾ سنڌ کي انهيءَ حالت تي پهچايو آهي، جو هينئر زندگيءَ جي جديد رُخن ۾ پيشقدمي ته ٿي بعد جي ڳالهه، روايتي انداز سان واجبي ترقي ماڻڻ وارو عمل به نظر نٿو اچي. بلڪه هن خطي ۾ امڪاني جاگرافيائي ۽ سياسي تبديلين دوران جيڪڏهن سنڌ پنهنجو سالم وجود برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿئي ته به وڏي ڳالهه ٿيندي! اڄ جيڪا سگھارين ڌرين جي اشارن جي منتظر سياسي قيادت، ڪرپشن کي عبادست سمجھندڙ ڪامورا شاهي، غداري ۽ ابن الوقتيءَ جو ماڊل وڏيرااهي، تعليم جو ٻيڙو تباهه ڪندڙ ماستر شاهي، اين جي اوز جي روپ ۾ ٺڳيءَ جو ڪاروبار جاري رکندڙ ٽيڪنوڪريسي، ذهن ۽ ضمير وڪڻندڙ ليکڪ لڏو اوهان جي اڳيان اڳيان هلي ٿو ۽ ڪاروڪاري، قبيلائي دهشتگردي، جھالت ۽ ترقيءَ کان وانجھيل سنڌ واري جيڪا اسان جي سڃاڻپ آهي، سا سنئون سڌو نتيجو آهي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ پاڻ کي مليل ان قيادت جي ”شاندار ڪارنامن“ جو، جيڪا قيادت اسان جي سماج کي انگريزن جي غلاميءَ واري دور کان به بدتر صورتحال ۾ وٺي آئي آهي. اها صورتحال وڌيڪ شدت سان انهيءَ ڪري محسوس ٿيڻ لڳي آهي جو سنڌ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ بحرانن جي ور چڙهندي پئي وڃي. سياست جي ميدان ۾ ڏسو توهان کي احساس ٿيندو ته چند ڏهاڪا اڳ تائين واري ليڊرشپ وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن ڏانهن رضاڪارانه دلچسپي رکندڙ اهڙي قيادت هئي، جنهن جي زندگيءَ ۾ ڪنهن حد تائين اصول پرستي، اهليت ۽ خدمت جو جذبو هو. اڄوڪي سنڌ ۾ پارلياماني بلدياتي، جمهوري، عوامي، قومپرست توڙي مذهبي سياسي پارٽين جي ليڊرشپ اوهان جي سامهون آهي. ڪردار، علم، پيشه ور اهليت، اصول پرستي، صلاحيت ۽ خاص طور ساک جي حوالي سان سندس حالت انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آهي. (سياسي قيادت جي ساک بابت گھڻو زور امام ابو حنيفه جي انهيءَ مشاهدي تحت ڏجي ٿو، جنهن ۾ پاڻ فرمايو هئائون ته قومن جي اڳواڻي ڪندڙ شخص لاءِ ضروري ناهي ته اُهو وڏو عالم ۽ مفڪر هجي، سندس واسطي اهو ڪافي آهي ته هو ايترو ساک وارو هجي جو ماڻهو سندس ڪيل ڳالهه تي اعتبار ڪن.) مان سنڌ جي سياسي پارٽين ۽ انهن جي ليڊرشپ سان لاڳو حالت بابت تفصيلي تذڪرو نٿو ڪريان، ڇاڪاڻ جو سندن روزانه جي ڪارڪردگي هر پڙهيل لکيل شخص آڏو آهي. البته اهو ضرور چئبو ته عملي طور عوامي خدمت ڪرڻ بجاءِ پبلڪ رليشنگ جي ماهر، روز روز تبديل ٿيندڙ بيانن جي موجب، پروفيشنل خخطرن کڻڻ کان لنوائيندڙ، مذهب ۽ ملڪ جي بقا وارن نعرن کانپوءِ هاڻي ساڳي طرح سنڌ کي سياسي نعري طور استعمال ڪندڙ ذهني جھالت ۽ انتشار وچان هر ڳالهه تي هڪٻئي سان اصولي اختلاف رکڻ جي دعويدار ۽ سياست کي سماجي تبديليءَ بجاءِ نعريبازيءَ جو وکر سمجھي وڪڻندڙ سياستدان عام ماڻهوءَ کي زندگيءَ جي هن اهم ترين شعبي کان ايترو ته متنفر ڪري ڇڏيو آهي جو اهو سياست ۽ ڪوڙ کي ساڳي شئي سمجھڻ لڳو آهي.
هوڏانهن ترقي ۽ رٿابنديءَ جي ميدان ۾ حالت اڃا به وڌيڪ خراب آهي. مالڪ خور ناظمين ۽ رشوت خور ڪامورا شاهي اربين رپين جي بجيٽ بنا اوڳرائيءَ هضم ڪريو ٿي وڃي. نعرن، افتتاحن۽ اعلانن جي حد تائين ته ڍَوَ لڳا پيا آهن، پر سرزمين تي حالت اها آهي جو سنڌ جا ڳوٺ، شهر ۽ محلا گند پيٽين جو منظر پيش ڪن ٿا. ناظم صاحبان جيڪي عوامي خدمت لاءِ حيران پريشان آهن ۽ سنڌي ڪامورا جيڪي سنڌ جي ادارن مان تعليم وٺي ۽ سنڌ جي ڪوٽا تي نوڪريون حاصل ڪري ڪنهن پَدَ کي پهتا آهن، سي سڀ نمڪ حلاليءَ جا اهڙا ثبوت پيش ڪري رهيا آهن جو جمشيد مهتا، حڪيم محمد احسن، طيب علوي، شيو ڪرام پرڀوداس ۽ ساڌو هيرانند سميت سڀني سنڌي خدمتگارن جا روح بيچين ٿي ويا آهن. اين جي اوز ۾ ويٺل صاب جن کي مرتبا، معيار ۽ مان مليو ته اهي سرڪاري سطح تي ٿيندڙ انهيءَ بدعنوانيءَ جي ازلي طور ترقي ۽ سجاڳيءَ جو متوازن سرشتو جوڙي ڪنهن بهتر رُخ ۾ داخل يٿن، تن صاحب اهو ئي ڪردار ادا ڪيو آهي. جيڪو معاشري مان ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ اينٽي ڪرپشن جي محڪمي ڪيو آهي.
انهن ٻنهي شعبن يعني سياست ۽ ترقيءَ جي ٿيل تباهيءَ کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ جنهن تعليمي معيار جي ضرورت هئي، انهيءَ جي حاصلات ٿي بعد جي ڳالهه مورڳو ان سيڪٽر ۾ سنڌ پنهنجي تاريخ جي بدترين بحران کي مُنهن ڏيئي رهي آهي. هن سيڪٽر سان لاڳاپيل سرڪاري مشنري توڙي استاد قيادت ۽ سماجي حلقن جي دلچسپي انتهائي هيٺاهين سطح تي پهچي چڪي آهي، جنهن ڪري ڊگرين جي حد تائين ڀلي ڪا اڳڀرائي ٿي هجي، پر عملي طور سنڌ جي سرڪاري ادارن مان پڙهي نڪتل نوجوانن جي وڏي اڪثريت عالمي توڙي ملڪي سطح تي اهڙي ڪنهن به ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو نه ڪري سگھي آهي، جنهن منجھان ورهاڱي کان اڳ جي سنڌ واري تعليمي معيار جي ڪا جھلڪ ملي سگھي. تحقيقي رپورٽن موجب پاڪستان ۾ سنڌ جي تعليم جو معيار هاڻي بلوچستان جي معيار سان وڃي پهتو آهي. سنڌ جي ادبي ۽ ساهتي حلقي جي صورتحال به مٿين شعبن کان ڪا گھڻي منفرد ڪانه آهي. مطالعي، مشاهدي، جائزي، تربيت، بحث مباحثي ۽ علمي سهپ کان مڪمل وانجھيل ليکڪن جي هڪ فوج هنيانءَ جي ڏَڍَ، محرومين، تواين، مخالفتن ۽ اسهپ جي اوزارن سان هٿياربند ٿي بيسود شاعري، بي چسي ڪالم نگاري ۽ بيزار ڪندڙ رومانويت جي گھيري ۾ ڦاسي شعور ۽ سجاڳيءَ جي نالي تي عوام کي اهڙو وکر آڇي رهي آهي، جنهن کي چئن ڪروڙن مان هڪ هزار سنڌي به سنجيدگيءَ سان سمجھڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. انهيءَ روز روشن حقيقت کي پسندي به پنن ۽ پيسن جو زيان ڪندڙ مجموعا ڇپجن ٿا، جيڪي اعزازي ڪاپين جي صورت ۾ ورهائجن ٿا! اهڙي سخا ڀري ورهاست کانپوءِ اڃا به وڌيڪل خرچ ڪري مصيبت ڀريل مهورتن، شامن ۽ بي مقصد ويهڪن جا بندوبست ڪري سرهين سانجھين، جائزن، اڀياسن ۽ مطالعن جي نالي ۾ خوشامد ۽ پڏاءَ جون پُلون ٻڌي ڪجھه گھڙين لاءِ ليکڪ جي ڪمتريءَ جي احساس کي ئي ماٺو نٿو ڪيو وڃي، پر پنهنجي شناخت جي بحران جو عارضي علاج به اخباري تصويرن ۽ فوٽيج جي صورت ۾ ڳوليو وڃي ٿو. انهي ٻٽي ڪاروبار ۾ مصروف ليکڪن جي سرڪسي ٽولڙي هڪ پروگرام کان ٻئي پروگرام، هڪ ڪُنڊ کان ٻي ڪُنڊ، هڪ شهر کان ٻئي شهر ٿاٻا کائيندي فوٽو ڇپائيندي ٿي وتي ۽ بظاهر ”سنڌ جي خدمت“ به ڪندي ٿي وتي. پبلڪ رليشننگ، ويلا ٽارڻ ۽ اچڻ وڃڻ جو ڪرايو ڇڏائيندڙ اهڙن ادبي مسخرن ادب جو تبديليءَ وارو سگھارو تصور تباهه ڪري اُن کي هڪ اهڙي فضول سرگرميءَ ۾ سوگھو ڪري ڇڏيو آهي، جو سنڌ جو ادب هاڻي ذهن روشن ڪندڙ هڪ شاندار محرڪ گھٽ مراعتن، خواهشن ۽ خوشامدن جي سنگھرن ۾ ٻڏل ڪو عادي چور وڌيڪ ٿو لڳي.
زندگيءَ جي اهم ترين ذميوارين ۽ شعبن جي اهڙي بڇڙي حالت هجڻ ڪري ظاهر آهي ته تعميرات، زراعت، عام انتظام، رٿابندي، ثقافت، سماجي ڀلائيءَ ۽ ٻين بيشمار رُخن ۾ اڃا به وڌيڪ ٽڀو اونڌو نظر ايندو. جيئن ذهن جو عدم توازن لاتعداد جسماني مسئلن کي جنم ڏئي ٿو يا جيئن هاضمي جي نظام جي گڙٻڙ ٻين مڙني جسماني ۽ ذهني سرشتن تي اثرانداز ٿئي ٿي، تيئن سماجي زندگيءَ جي اهم شعبن جي بدحاليءَ جو اصل ڪارڻ به اها جڏي، ڪرپٽ ۽ مدي خارج قيادت آهي، جيڪا زندگيءَ جي مڙني شعبن ۾ اسان جي نمائندگي ۽ اڳواڻي ڪري ٿي. انهيءَ قيادت جي ڏيوالپڻي جا سبب به مالي، تنظيمي ۽ نظرياتي کان وڌيڪ اخلاقي ۽ ڪرداري آهن. يعني اسان جي ليڊرشپ اهو ڪجھه ڪري نٿي، جنهن جي اها دعويدار آهي. سندس قول ۽ فعل ۾ اهو فرق تڏهن آهي، جڏهن سندس ڪئي ڪرتيي تي ڪو نظر رکڻ وارو فورم يا احتسابي ادارو نه آهي. اهڙو ادارو نه هجڻ ڪري اسان جو قيادتي ڪلاس ڪنهن ڏانهن ذميوار به ناهي. اهڙي طرح منجھس موجود غير ذميواري ۽ لاپرواهيءَ سندس مٿو ڦيرائي ان منزل تي پهچايو اٿس جو راهبر طبقي کي جيئن وڻي ٿو تيئن ٿو ڪري. ايتريقدر جو هُو سنڌ جي گڏيل مفادن جو سودو ڪرڻ، بلڪه غداريءَ جي حد تائين وڃڻ کان نٿو لنوائي.
مٿين سڄي ڪٿا ۾ هڙ حاصل اهو ٿو ٿئي ته جيستائين ڇڙوڇڙ ٿيل ۽ اَنائن ۾ ڦاٿل سنڌ جا ذهين، ايماندار ۽ پاڻ ارپڻ جو جذبو رکندڙ فرد گڏ ٿي ڪنهن هڪ جاءِ تي ويهي، سوسائٽيءَ جي سموري هلي چليءَ کي مانيٽر ڪري ان بابت راءِ جوڙي هر معاملي (خاص ڪري فيصله ڪن معاملن) تي گھربل درعمل نٿا ڏيکارين، تيستائين بحيثيت هڪ قوم اسان جي هر رُخ ۾ پيشقدمي ميڊيائي سطح تائين محدود ته ٿي سگھي ٿي، عملي طرح سان سنڌ ۾ سياسي توڙي ٻين حولان سان ڪو نئون رستو (Option) جوڙڻ ۽ ايڪويهين صديءَ ۾ هڪ باوقار قوم طور سڃاڻپ ڪرائڻ ممڪن ناهي. ان حقيقت جي تصديق هر چوٿين پنجين سال نه چاهيندي به ڪنهن مخصوص ڌر کي ووٽ ڏيڻ، هر تقريب ۾ آزمايل غدارن کي ويهارڻ تي مجبور هجڻ، حاڪم طبقن جي دلالي ڪندڙ ليکڪن کي عظمتن جا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ، اسپتالن، تعليم ۽ ٻوڏ جي ستايلن لاءِ رکيل فنڊن تي هٿ صاف ڪندڙ ڪامورن جي ٽنڊ والي ڪرڻ سميت اسان جي طرفان ٿيندڙ بيشمار مصلحتن ۽ منفاقتن مان بلڪل واضح آهي.
سڄي سنڌ کي ڇڏيو، سنڌ سان وفاداري ۽ محبت جون دعوائون ڪندڙ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو هڪ ننڍو حلقو، وڏيون دعوائون ۽ هامون ڇڏي ابتدائي طور فقط ايترو ڪري جيترو ظفر حسن ڪندو هو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ يعني سنڌ سان لاڳاپيل زندگي ۽ موت جي مسئلن تي ڪمپرومائيز ڪندڙن جو سماجي بائيڪاٽ ڪرڻ جو ساهس به ڌاري ته هڪ نئين دور جي ابتدا ٿي سگھي ٿي. آسپاس رهندڙ ٻيون قومون پنهنجن غدارن تي زندگيءَ جا دروازا بند ڪرڻ کان نٿيون ڪيٻائين، پر اسان ته اهڙن ڪردارن سان هٿ نه ملائڻ جيتري جرئت ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون، جيڪي ڪردار قومي وقار کي نوائڻ کان به نٿا مُڙن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان هوندي به جڏهن اسين سنڌ کي آزاد، آباد ۽ خوشحال ڏسڻ جا خواب لهون ٿا، انهن خوابن کي ساڀيان بنائڻ لاءِ معمولي ڪردار ادا ڪرڻ بنا به پاڻ کي مهان سمجھندي، ڪنهن سان دوکو ٿا ڪيون: پاڻ سان، تاريخ سان، مستقبل سان، وطن سان يا قدرت جي نظام سان؟؟
هي مضمون هتان ڪاپي پيسٽ ڪيو ويو آهي ...