هن ڌاڳي تي توهان پنهنجي پسنديده شاعري شيئر ڪري سڳهو ٿا
هن ڌاڳي تي توهان پنهنجي پسنديده شاعري شيئر ڪري سڳهو ٿا
منهنجي خيال ۾ ته ايئن ناهي. ٻين ساٿين جو ڇا خيال آ هي لفظ "سڳهو" آهي يا "سگهو"؟سڳهو سگهو
ادي ساره ! زبردست ڪلام پيش ڪيو آهي. اميد آهي ته اهو سلسلو هلندو رهندو.دُک جو هيل نه ڪاٿو آ!
ڪا رات وڃائي راهن ۾،
ڪو ڏينهن کُٽائي رستن تي،
بي فيض اُڃايل موٽياسين،
سڀ خواب لُٽائي رستن تي !
دورين جا جنازا هڪ پاسي،
۽ ياد جا ڪاوا ٻي پاسي،
احساس اندر ۾ اُجڙي ويا،
خود دل نه رهي پنهنجي پاسي!
هر آس ٽُٽي بي منزل ٿي،
هوء من جي مِٽي ٿي نه سگهي،
ويوپيار سمورو صحرا ٿي،
هوء من جي گهِٽي ٿي نه سگهي!
جيئن اُجرو چمڪو ڦُلڙي جو،
تيئن ياد رهي آ دل ۾ ڪا،
بس رات وسي ٿي نيڻن ۾ ،
هر موسم پنهجي پن ڇڻ آ،
بي واس اُجهاميل شامون هِن،
هر سپنو سُڃ ۾ ڦاٿو آ،
ڇا ڏسجي دل جي موسم ڪا،
هن دُک جو هيل نه ڪاٿو آ
(شاعر ايوب کوسو )
سگهو ٺيڪ آهي.منهنجي خيال ۾ ته ايئن ناهي. ٻين ساٿين جو ڇا خيال آ هي لفظ "سڳهو" آهي يا "سگهو"؟
منهنجي خيال ۾ ته ايئن ناهي. ٻين ساٿين جو ڇا خيال آ هي لفظ "سڳهو" آهي يا "سگهو"؟
مهرباني .. ڪوشش ڪندس جاري رکڻ جي ..ادي ساره ! زبردست ڪلام پيش ڪيو آهي. اميد آهي ته اهو سلسلو هلندو رهندو.
پوءِ توهان ٻڌايو ته هي نيو شوق ڪٿان نازل ٿيو آهي؟مهرباني .. ڪوشش ڪندس جاري رکڻ جي ..
هڪ شيخ اياز جو ڪتاب ڪڏهن گهر ۾ ڏٺو هيو .. اهو تلاش ڪيان پيئي .. منهنجي امي حيراني سان پڇڻ لڳي ته هي سنڌي شاعري جو شوق ڀلا ڪيئن ٿيو ..
پوءِ پر اسان جي گهر ۽ علائقي ۾ ته سڳهو، سڳهي، سگهجي ٿو چوندا آهن هن جو مطلب آهي ته اسان جو لهجو غلط آهي. ادا سولنگي صاحب وڏي مهرباني
پوءِ توهان ٻڌايو ته هي نيو شوق ڪٿان نازل ٿيو آهي؟
جيڪب آباد جا
بالڪل ادا سنڌي ادب کي ته هٿ ئي نه لاٿو آهي ڪڏهن هن ڪري سنڌي ۾ "بي ادب" چئي سگهو ٿاجيڪب آباد ۾به سگهو ڳالهايو ويندو آهي ۽ لکيو به سگهو ويندو آهي هي ٻي ڳالهه آهي ته اوهان شايد سنڌي ادب کان وانجهيل آهيو.