هي لاش ڪنهن جو آهي؟
اسپتال جي سرد خاني ۾ هي چچريل، چيڀاٽيل ۽ رتوڇاڻ لاش پيو آهي. جنهن جي چهري تي لانگ بوٽن جي ڪوڪن جا نشان آهن؛ جنهن جي ڇاتيءَ تي ڇُرن جا گھاءُ آهن؛ جنهن جو عضوو عضوو چٿيل، چيڀاٽيل ۽ وڍيل آهن. ان لاش جي انهي حالت ۽ ڪيفيت کان پوءِ به سنگينون ٽنبيل رائفلون اُڀيون آهن ۽ اسپتال...